دمچيءَ جو هڏو

دمچيءَ جو هڏو

دمچيءَ جو هڏو

دمچيءَ جو هڏو (Coccyx): چيلهه جي دمچيءَ جو هڏو چئن مهرن (Vertebrae) تي ٻَڌل آهي ۽ مهرا هڪٻئي سان پاڻ ۾ ڳنڍيل هوندا آهن. دمچيءَ جو مٿيون حصو ڍونگري (Sacrum) سان مليل هوندو آهي. جڏهن ته هيٺيون حصو چهنب وانگي لُنڊي هڏي جيان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هي هڏو وڌي ويندو آهي ته ان حالت ۾ ويهڻ ۾ تمام گهڻو سُور (Coccygodynia) ڪندو آهي.
هن هڏي لاءِ سائنسدانن جو خيال آهي ته جنهن زماني ۾ انسان هٿن ۽ پيرن سان هلندو هو تڏهن اُن کي ڪرنگهي جي آخر ۾، ٿڻائتن جانورن (Mammals) ۽ باندرن (Chimpanzee) وانگر ڊگهو پڇ هوندو هو. انساني ارتقا (Evolution) کان پوءِ جڏهن انسان هٿ ڇڏي رڳو پيرن تي هلڻ شروع ڪيو ته سندس پڇ آهستي آهستي ختم ٿيندو ويو ۽ ان جاءِ تي ’دمچيءَ جي هڏيءَ‘ جو نشان رهجي ويو آهي.


لفظ دمچيءَ جو هڏوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو